2 Chronicles 25:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ امصياہ تي ڀڙڪي ۽ هن ڏانهس هڪڙو نبي موڪليو جنهن چيس تہ تون ڇالاءِ انهن ماڻهن جي معبودن جو طالب ٿيو آهين، جن خود پنهنجي قوم کي تنهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڪري خداوند امصياہ تي سخت ناراض ٿيو، ۽ وٽس هڪڙو نبي موڪليائين، جنهن اچي امصياہ کي چيو تہ ”تون غير قومن جي انهن معبودن جو طالب ڇو ٿيو آهين، جيڪي خود پنهنجيءَ قوم کي تنهنجي هٿن مان نہ ڇڏائي سگھيا؟“