2 Chronicles 25:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کان سواءِ امصياہ يهوداہ کي گڏ ڪيو، ۽ ساري يهوداہ ۽ بنيمين کي سندس ابن جي گهراڻن موجب، هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن هيٺ ترتيب وار بيهاري ويو: پوءِ ويهن ورهين جي ڄمار ۽ ان کان مٿي وارن جو شمار ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ اهي ٽي لک چونڊيل مرد، جنگ تي وڃڻ لائق آهن، ۽ نيزي ۽ سپر کڻڻ جهڙا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان پوءِ امصياہ يهوداہ وارن جي سڄي لشڪر کي گڏ ڪيو جنهن ۾ بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي قبيلن جا ماڻهو هئا. هن انهن ۾ سندن ابن ڏاڏن جي گھراڻن موجب، هزار هزار ۽ سؤ سؤ جا دستا بڻائي مٿن سالار مقرر ڪيا. پوءِ لشڪر ۾ ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر وارن جو شمار ڪيو ويو تہ انهن ۾ ٽي لک چونڊيل جوان جنگ جي لائق ۽ نيزي ۽ ڍال کڻڻ جهڙا هئا.