2 Chronicles 26:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کانسواءِ عزياہ وٽ جنگي ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جو ٽوليون ٽوليون ڪري، انهيءَ شمار موجب جو يعيئيل محرر ۽ معسياہ عملدار ۽ بادشاهہ جي هڪڙي سردار حنانياہ جي نظرداريءَ هيٺ ڪيو ويو هو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عُزياہ بادشاهہ وٽ جنگ لاءِ هڪ وڏو لشڪر هوندو هو، جيڪي سندس محرر يعيئيل ۽ ناظم معسياہ جي شمار موجب ٽولين ٽولين جي صورت ۾ بادشاهہ جي هڪڙي سپهہسالار حنانياہ جي نظرداريءَ هيٺ جنگ لاءِ تيار هوندا هئا.