2 Chronicles 26:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
سي سڀ هن جي پٺيان ويا: ۽ انهن بادشاهہ عزياہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ اي عزياہ اهو تنهنجو ڪم ناهي تہ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، پر اهو هارون جي پٽن، يعني ڪاهنن جو ڪم آهي، جي لوبان ساڙڻ لاءِ پاڪ ڪيا ويا آهن: پاڪ جاءِ مان نڪري وڃ؛ ڇالاءِ جو تو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ انهيءَ مان خداوند خدا جي طرفان توکي عزت حاصل نہ ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن عُزياہ بادشاهہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ ”اي عُزياہ! اهو تنهنجو ڪم ناهي جو تون خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، بلڪ اهو هارون جي اولاد جو ڪم آهي جيڪي ڪاهن آهن ۽ جيڪي لوبان ساڙڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. سو تون مقدس جاءِ مان نڪري وڃ. جيئن تہ تو گناهہ ڪيو آهي تنهنڪري خداوند خدا وٽ هاڻي تنهنجي ڪابہ عزت ڪانهي.“