2 Chronicles 27:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هو بني عمون جي بادشاهہ سان بہ وڙهيو ۽ انهن تي غالب ٿيو. ۽ انهيءَ ساڳي سال ۾ بني عمون هن کي چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ۽ ڏهہ هزار ڪڻڪ جا ماڻ ۽ ڏهہ هزار جوَن جا ماڻ ڏنا. ايترو ئي ٻئي سال ۾، ۽ ايترو ئي ٽئين سال ۾، بني عمون هن کي پهچائي ڏنو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يوتام بني عمون جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي ۽ فتح حاصل ڪيائين. انهي ئي سال بني عمون هن کي چانديءَ جا ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام، ڪڻڪ جا ساڍا سترهن لک ڪلوگرام ۽ اوترا ئي جَوَن جا ڪلوگرام ڏنَ طور ڏياري موڪليا. ايترو ئي ڏنُ هنن ٻئي ۽ ٽئين سال پڻ وٽس موڪليو.