2 Chronicles 29:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کانپوءِ هو محلات ۾ لنگهي بادشاهہ حزقياہ وٽ ويا، ۽ چيائونس تہ اسان خداوند جو سارو گهر ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، ۽ ان جي سڀني ٿانوَن، ۽ نذر جي مانيءَ جي ميز، ان جي ٿانوَن سميت، پاڪ ڪئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان پوءِ لاوي بادشاهہ حزقياہ وٽ لنگھي ويا ۽ کيس ٻڌايائون تہ ”اسان خداوند جو سڄو گھر، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ ۽ ٿانوَ، نذراني جي روٽن جي ميز ۽ ٿانوَ، سڀيئي پاڪ ڪري ڇڏيا آهن.