2 Chronicles 29:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کانسواءِ سڀ ٿانوَ، جي آخز بادشاهہ گنهگار ٿيڻ وقت پنهنجي راڄ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا، سي اسان تيار ڪري پاڪ ڪيا آهن؛ ۽ ڏس، اهي خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان سواءِ اسان اهي سڀ ٿانوَ بہ موٽائي آڻي پاڪ ڪيا آهن جيڪي آخز بادشاهہ نافرماني ڪندي پنهنجي بادشاهيءَ دوران اتان هٽائي ڇڏيا هئا. هاڻ اهي سڀ ٿانوَ خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان رکيا اٿئون.“