2 Chronicles 29:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا ۽ ست گهيٽا ۽ ست ٻڪر، بادشاهت جي لاءِ، ۽ پاڪ مڪان جي لاءِ، ۽ يهوداہ جي لاءِ، گناهہ جي قرباني ڪري آندا. ۽ هن هارون جي پٽن ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ اهي خداوند جي قربانگاهہ تي چاڙهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن ست ڍڳا، ست گھٽا، ست گھيٽا ۽ ست ٻڪر شاهي گھراڻي، هيڪل ۽ يهوداہ وارن لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آندا. سڀيئي ڪاهنن جيڪي هارون جي اولاد مان هئا تن کي بادشاهہ حزقياہ چيو تہ هو اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قربان ڪن.