2 Chronicles 29:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ ڪاهنن انهن کي ڪُٺو ۽ انهن جي رت سان قربانگاهہ تي هنن گناهہ جي قرباني ڪئي، تہ ساري بني اسرائيل قوم جو ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ساري بني اسرائيل قوم جي لاءِ ڪرڻ ۾ اچي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان کان پوءِ ڪاهنن اهي ٻڪر ڪُٺا ۽ سڄي بني اسرائيل جي ڪفاري لاءِ انهن جو رت قربان‌گاهہ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور هاريو، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سڄي قوم لاءِ ساڙڻ واري قرباني ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪئي وڃي.