2 Chronicles 29:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن حزقياہ ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو ويجهو اچو ۽ خداوند جي گهر ۾ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون آڻيو. ان موجب جماعت ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون اندر آنديون؛ ۽ جن جي دل جي خوشي هئي، تن سوختني قربانيون آنديون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ حزقياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪيو آهي. سو هاڻ خداوند جي گھر آڏو قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا وڃن.“ تنهن تي ماڻهن قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا. ان کان علاوہ ڪيترن ئي ماڻهن تہ پنهنجي دل جي خوشيءَ سان ساڙڻ واريون قربانيون بہ پيش ڪيون.