2 Chronicles 29:34 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر ڪاهن تمام ٿورا هئا، جنهنڪري اهي سڀني سوختني قربانين جون کلون لاهي نہ سگهيا: انهيءَ ڪري هنن جي ڀائرن لاوين انهن کي مدد ڏني، ۽ اهو ڪم پورو ٿيو؛ ۽ ڪاهنن پاڻ کي پاڪ ڪيو: ڇالاءِ جو لاوي ڪاهنن کان وڌيڪ پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سالم دل وارا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ ايترن ڪاهنن اڃا پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو جو سڀني ساڙڻ وارين قربانين جون کلون لاهي سگھن، تنهنڪري سندن لاوي مائٽن انهن جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ لاوي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ ۾ ڪاهنن کان وڌيڪ چست هئا. انهن ايستائين سندن مدد ڪئي جيستائين اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو ۽ باقي رهيل ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو.