2 Chronicles 29:35 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سوختني قربانيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ۽ هرهڪ سوختني قربانيءَ جي لاءِ پيئڻ وارين قربانين سميت، تمام گهڻيون هيون. انهيءَ طرح خداوند جي گهر جي خدمت چاڪريءَ جو پورو بندوبست ٿي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو ڪم ڪاهنن کي ڪرڻو هو سو تمام گھڻو هو، ڇاڪاڻ تہ کين ساڙڻ واريون قربانيون ڪرڻيون هيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ساڙڻي هئي ۽ ساڙڻ وارين قربانين سان گڏوگڏ پيش ٿيل اوتڻ وارين قربانين کي بہ پئٽڻو هو. سو خداوند جي گھر جي خدمت نئين سر قائم ڪئي ويئي.