2 Chronicles 30:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اهي خدا جي مرد موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي درجن موافق پنهنجين جاين تي بيهي ويا: ۽ ڪاهنن کي جيڪو رت لاوين جي هٿان مليو هو، سو هنن ڇاٽاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هر هڪ ڪاهن ۽ لاوي خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجن پنهنجن مقرر ڪيل ڪمن کي لڳي ويو. ڪاهنن لاوين جي هٿان قربانين جو رت وٺي قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو.