2 Chronicles 30:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪي بني اسرائيل يروشلم ۾ حاضر هئا، تن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ستن ڏينهن تائين اڻ خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ۽ لاوين ۽ ڪاهنن روز بروز خداوند جي تعريف پئي ڪئي، ۽ زور سان ساز وڄائي خداوند لاءِ پئي گيت ڳايائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جيڪي بني اسرائيل يروشلم ۾ اچي حاضر ٿيا هئا تن ڏاڍي خوشيءَ سان ستن ڏينهن تائين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، جڏهن تہ لاوين ۽ ڪاهنن روزانو پوري جوش ۽ جذبي سان خداوند جي تعريف جا گيت پئي ڳايا.