2 Chronicles 30:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ قاصد بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خط کڻي ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ ويا، ۽ بادشاهہ جي حڪم موجب چيائون تہ اي بني اسرائيليو، اوهين خداوند، ابرهام ۽ اسحاق ۽ اسرائيل جي خدا ڏانهن موٽو، تہ هو اوهان مان جيڪي اسور جي بادشاهن جي هٿن کان باقي بچيا آهن، تن ڏانهن موٽي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا جيڪي خط بادشاهہ جي حڪم تي قاصد سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن کڻي ويا، تن ۾ لکيل هو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! جيئن تہ اوهين اشور جي شهنشاهن جي هٿن کان بچي ويا آهيو، سو خداوند ، اسان جي وڏن ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تہ من هو اوهان تي وري مهربان ٿئي.