2 Chronicles 31:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هارون جي پٽن يعني ڪاهنن لاءِ بہ، جي سڀ ڪنهن وڏي شهر ۾، پنهنجن شهرن جي ٻهراڙين وارين ٻنين ۾ رهندا هئا، ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاهنن مان جيڪي مرد ماڻهو هئا ۽ جيڪي لاوين مان نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي سندن حصا پهچائي ڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مختلف شهرن ۽ انهن جي پسگرداين ۾ هارون جي اولاد مان ڪجھہ ڪاهنن جا ڪٽنب رهندا هئا، تن لاءِ ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جيڪي انهن ڪاهنن جي مردن کي سندن حصا پهچائي ڏيندا هئا. اهي مقرر ڪيل ماڻهو انهن لاوين کي جيڪي اتي رهندا هئا ۽ جن جا نالا نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا، تن سڀني کي بہ سندن حصا پهچائي ڏيندا هئا.