2 Chronicles 32:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو جنهن اشور جي شهنشاهہ جي لشڪرگاهہ ۾ ڪيترن ئي جنگي جوڌن، سالارن ۽ عملدارن کي ماري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اشور جو شهنشاهہ ڦڪو منهن کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي هليو ويو. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود جي پوڄا گھر ۾ ويٺو هو تہ سندس ئي پٽن کيس تلوار سان ماري ڇڏيو.