2 Chronicles 34:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اوهين وڃي منهنجي لاءِ، ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن لاءِ، جيڪو ڪتاب لڌو آهي تنهن جي ڪلام بابت پڇا ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي گهڻي نازل ٿي آهي، جو اسان جي ابن ڏاڏن خداوند جي ڪلام جي سنڀال نہ ڪئي آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن تي عمل نہ ڪيو اٿن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اوهين وڃي منهنجي لاءِ ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن جي لاءِ هن لڌل ڪتاب ۾ جيڪي ڪجھہ لکيل آهي تنهن بابت خداوند کان پڇا ڪريو. اسان تي خداوند جو تمام گھڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي، ڇوجو اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب ۾ لکيل خداوند جي فرمان کي نہ مڃيندي ان جي سڀني ڳالهين تي عمل نہ ڪيو.“