2 Chronicles 34:33 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل جي ذمي هئا، تن سڀني مان يوسياہ سڀ ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون، ۽ اسرائيل ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کان خداوند سندن خدا جي عبادت ڪرايائين. هن جي سڀني ڏينهن ۾ ماڻهو خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي پيروي ڪرڻ کان ٻئي پاسي ڦري نہ ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي علائقا بني اسرائيل جي ملڪيت هئا، تن سڀني مان يوسياہ سڀ ڪراهت جهڙا بت ڪڍائي ڇڏيا ۽ جيڪي بہ ماڻهو هئا تن سڀني کان خداوند سندن خدا جي عبادت ڪرايائين. جيستائين هو جيئرو هو تيستائين اهي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي فرمانبرداري ڪرڻ کان نہ ڦريا.