2 Chronicles 35:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ آسف جا پٽ ڳائڻ وارا، دائود، ۽ آسف، ۽ هيمان، ۽ بادشاهہ جي غيب دان يدوتون جي حڪم موجب، پنهنجي جاءِ تي هئا؛ ۽ دربان سڀ ڪنهن در تي حاضر هئا: هنن کي پنهنجي خدمت ڇڏي نڪرڻ جو ضرور ڪونہ هو، ڇالاءِ جو هن جي ڀائرن لاوين، سندن لاءِ تياري پئي ڪئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڳائڻا جيڪي آسف جو اولاد هئا سي انهن هنڌن تي بيهي رهيا جيڪي هنڌ بادشاهہ دائود جي هدايت سان آسف، هيمان ۽ بادشاهہ جي غيبدان يدوتون مقرر ڪيا هئا. دربانن کي پنهنجو پنهنجو در ڇڏڻ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ هنن جي هم‌قوم لاوين انهن لاءِ عيد فصح جي قربانين جي تياري پئي ڪئي.