2 Chronicles 35:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر هن ايلچي موڪلي چوائي موڪليس تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، منهنجو تو سان ڪهڙو ڪم آهي؟ اڄ آءٌ تو سان وڙهڻ لاءِ نٿو اچان پر جنهن گهراڻي سان منهنجي جنگ آهي، انهيءَ سان وڙهڻ ٿو اچان؛ ۽ خدا مون کي جلدي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي: خدا جي ڪم ۾ اٽڪ وجهڻ کان پاڻ کي روڪ، جو هو مون سان آهي، متان هو توکي ناس ڪري ڇڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر نڪوہ ايلچي موڪلي کيس چوائي موڪليو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ! تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪهڙو جھڳڙو آهي؟ هن وقت آءٌ تو تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪونہ آيو آهيان، پر جنهن بادشاهہ سان منهنجي جنگ آهي تنهن سان وڙهڻ ٿو وڃان. خدا مون کي جلدي پهچڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي، سو خدا جي ڪم ۾ رنڊڪ نہ وجھہ. هو مون سان گڏ آهي متان هو تو کي ناس ڪري ڇڏي.“