2 Chronicles 35:22 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ هوندي بہ يوسياہ پنهنجو منهن هن کان نہ ڦيرايو، پر هن سان وڙهڻ لاءِ پنهنجو ويس بدلايائين، ۽ خدا جي واتان نڪتل نڪوہ جي ڳالهہ نہ ٻڌائين، ۽ مجدو جي واديءَ ۾ وڙهڻ لاءِ آيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ هوندي بہ يوسياہ ڪين مڙيو پر ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ پنهنجو ويس مَٽايائين. هن انهيءَ پيغام ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪو نڪوہ خدا جي حڪم سان هن ڏانهن چوائي موڪليو هو، بلڪ هو مجدو ميدان وٽ ساڻس وڙهڻ لاءِ نڪري آيو.