2 Chronicles 5:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهيءَ طرح جيڪو ڪم سليمان خداوند جي گهر لاءِ ٿي ڪيو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اهي شيون اندر آنديون، جي سندس پيءُ دائود وقف ڪيون هيون؛ يعني چاندي، ۽ سون، ۽ سڀ باسڻ، ۽ اهي هن خدا جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهو سمورو ڪم پورو ٿيو جيڪو هيڪل لاءِ ڪرايو ويو هو، تڏهن سليمان بادشاهہ اهي سڀ شيون کڻائي اچي هيڪل اندر رکايون جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. هن اهي سڀ شيون هيڪل جي خزاني ۾ رکايون.