2 Chronicles 6:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري هاڻي اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو انجام تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي، سو پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي روبرو تو وٽ ماڻهو ڪونہ کٽندو؛ بشرطيڪ تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪندو، ۽ منهنجي شريعت تي هلندو، جيئن ڪ تون منهنجي اڳيان هليو آهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري هاڻ اي خداوند ، بني اسرائيل جا خدا! جيڪو ٻيو واعدو تون منهنجي پيءُ پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ پورو ڪر. تو کيس چيو هو تہ ’بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي، بشرطيڪ هو منهنجي شريعت تي عمل ڪندي سڌيءَ راهہ تي هلي جهڙيءَ طرح تون ڪندو رهيو آهين.‘