2 Chronicles 6:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي فرقن منجهان مون ڪوبہ شهر پنهنجي گهر جوڙڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو، تہ منهنجو نالو اتي رهي؛ نڪي مون ڪو ماڻهو پنهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي ۽ نہ ئي وري پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم ٿيڻ لاءِ ڪو ماڻهو چونڊيو هئم.