2 Chronicles 7:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ستين مهيني جي ٽيويهين تاريخ هن ماڻهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن ڏياري موڪليو، ۽ هو انهيءَ چڱائيءَ جي ڪري خوش ٿي دل جي راضپي سان هليا ويا، جا خداوند دائود، ۽ سليمان ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن يعني ستين مهيني جي ٽيويهين تاريخ تي سليمان بادشاهہ ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن واپس موڪليو. هو انهن برڪتن تي ڏاڍا خوش ۽ سرها هئا، جيڪي خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل ، دائود ۽ سليمان کي عطا ڪيون هيون.