2 Chronicles 8:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.