2 Corinthians 1:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري جڏهن مون اهو ارادو ڪيو، تڏهن مون ڪا ڳالهہ هيٺ مٿي ڪئي ڇا؟ يا جن ڳالهين جو ارادو ڪريان ٿو، سو جسماني طرح ٿو ڪريان ڇا، انهي لاءِ تہ هائو هائو بہ ڪريان، ۽ نہ نہ بہ ڪريان؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ جڏھن مون اھو ارادو ڪيو تہ ڪا ڦيرڦار ڪيم ڇا؟ يا جيڪي ڳالھيون آءٌ رٿيان ٿو سي دنياوي ماڻھن وانگر رٿيان ٿو ڇا؟ جو ڪڏھن ”ھا، ھا“ بہ ڪريان تہ ساڳئي وقت ”نہ، نہ“ بہ؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ پوءِ جڏهن مون اهو منصوبو جوڙيو تڏهن ان ۾ ڦيرڦار جو سوچيو هئم ڇا؟ يا جن ڳالهين جو آءٌ ارادو ٿو ڪريان، سو ڇا سنساري ماڻهن وانگر ٿو ڪريان، جو ڪڏهن ”ها“ ڪريان تہ وري ساڳئي وقت ڪڏهن ”نہ“؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ جڏهن مون اهو منصوبو جوڙيو تڏهن ان ۾ ڦيرڦار جو سوچيو هئم ڇا؟ يا جن ڳالهين جو آءٌ ارادو ٿو ڪريان، سو ڇا دنياوي ماڻهن وانگر ٿو ڪريان، جو ڪڏهن ”ها“ ڪريان تہ وري ساڳئي وقت ڪڏهن ”نہ“؟