2 Corinthians 1:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خدا جو فرزند يسوع مسيح، جنهن جي اسان اوهان ۾ منادي ڪئي، يعني مون ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس، سو هائو ۽ نہ ٻئي نہ هو؛ پر انهي ۾ رڳو هائو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنھن جي تبليغ مون، سيلاس ۽ تيمٿيس اوھان ۾ ڪئي ھئي، اھو ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻئي ڪين ھئا، پر ان ۾ ھميشہ ”ھائو“ ئي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور جو پٽ يسوع مسيح جنهن جو پرچار مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪيو هو، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنهن جي تبليغ مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪئي هئي، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.