2 Corinthians 1:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن ڪري جو خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ هن ۾ هائو سان آهن. ۽ انهي ڪري هن جي وسيلي آمين بہ ٿا چئون تہ اسان جي معرفت خدا جو جلال ظاهر ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو خدا جا جيترا بہ واعدا آھن، سي سڀ مسيح جي ڪري ”ھائو“ سان آھن. انھيءَ ڪري ان جي وسيلي اسان کان ”آمين“ بہ ٿي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، ايشور جا جيترا بہ وچن آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي پرچار جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو ايشور کي ”آمين“ چئي سندس مهما ڪن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي تبليغ جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو خدا کي ” آمين “ چئي سندس واکاڻ ڪن ٿا.