2 Corinthians 1:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جي اسين مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تہ اُها اوهان جي تسلي ۽ نجات جي لاءِ آهي؛ يا جي اسان کي تسلي ملي تہ اُها اوهان جي تسلي جي لاءِ آهي، جنهن جي اثر ڪري اوهين صبر سان اُهي ساڳيا ڏک سهو ٿا، جي اسين بہ ٿا سهون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اھا اوھان جي دلداري ۽ ڇوٽڪاري لاءِ آھي. وري جيڪڏھن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اھا بہ اوھان جي ئي لاءِ آھي. اھا دلداري اوھان کي صبر سان ساڳين ڏکن کي سھڻ جي طاقت بخشي ٿي جيڪي اسين بہ سھون ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اها اوهان جي دلداريءَ ۽ مڪتيءَ لاءِ آهي. وري جيڪڏهن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اها بہ اوهان جي ئي لاءِ آهي. اها دلداري اوهان کي صبر سان ساڳيا ڏک سور سهڻ جي شڪتي ڏئي ٿي جيڪي اسين بہ سهون ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اها اوهان جي دلداريءَ ۽ ڇوٽڪاري لاءِ آهي. وري جيڪڏهن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اها بہ اوهان جي ئي لاءِ آهي. اها دلداري اوهان کي صبر سان ساڳيا ڏک سور سهڻ جي طاقت بخشي ٿي جيڪي اسين بہ سهون ٿا.