2 Corinthians 10:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هائو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ متان حاضر ٿي ڪري مون کي انهيءَ دليريءَ سان همت ڏيکارڻي پوي، جنهن سان آئون ڪن ماڻهن تي دلير ٿيڻ جو ارادو ٿو ڪريان، جي اسان جي بابت ائين ٿا سمجهن تہ اسين جسماني طور هلت ٿا ڪريون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھائو، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ زور نہ ڀرجو. ڇالاءِجو مون کي يقين آھي تہ ڪن اھڙن ماڻھن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو، جيڪي سمجھن ٿا تہ اسين دنياوي نيت سان زندگي ٿا گذاريون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت سنساري آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت دنياوي آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو.