2 Corinthians 11:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪي آئون ڪريان ٿو سو ئي آئون ڪندو رهندس، انهي لاءِ تہ جيڪي پنهنجي ڪم جي وڏائي ٿا ڪن، تہ اسان جهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو فخر بي فائدو ثابت ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪي ڪجھہ آءٌ ڪريان ٿو سو ئي ڪندو رھندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رھندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اھي فخر سان چون تہ ھو اسان جھڙي ئي خدمت ڪن ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان تي بار نہ ٿيڻ بابت آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪريان ٿو سو ڪندو رهندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رهندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اهي فخر سان چون تہ هو بہ اسان جهڙي ئي سيوا ڪن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان تي بار نہ ٿيڻ بابت آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪريان ٿو سو ڪندو رهندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رهندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اهي فخر سان چون تہ هو بہ اسان جهڙي ئي خدمت ڪن ٿا.