2 Corinthians 11:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو اچي ٻئي يسوع جي منادي ڪري جنهن جي اسان منادي نہ ڪئي، يا جيڪڏهن اوهان کي ڪو ٻيو روح ٿو ملي جو اڳي نہ مليو اٿوَ، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جا اوهان قبول نہ ڪئي هئي، تہ پوءِ اهو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انهي جي برداشت ٿا ڪريو؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي يسوع جي باري ۾ ڪو ٻيو پرچار ڪري ٿو، جيڪو پرچار اسان نہ ڪيو هو. ان کان علاوہ اوهين مليل پوِتر آتما جي بدران ٻي آتما قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي عيسيٰ جي باري ۾ ڪا ٻي منادي ڪري ٿو، جيڪا منادي اسان نہ ڪئي هئي. ان کان علاوہ اوهين مليل پاڪ روح جي بدران ٻيو روح قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.