2 Corinthians 12:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيتوڻيڪ انهي مان ڪو فائدو ڪونهي، تڏهن بہ مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي؛ ۽ جيڪي رويا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا، تن جو ذڪر ٿو ڪريان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي، جيتوڻيڪ انھيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونھي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا آھن، ھاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي درشن ۽ آڪاشواڻيون مون کي پرڀو يسوع کان مليون آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند عيسيٰ کان مليا آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.