2 Corinthians 12:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڏسو هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن اچڻ جي لاءِ تيار ٿيو آهيان؛ ۽ آئون اوهان تي بار نہ ٿيندس؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو ٻيو ڪي ڪين ٿو گهُران، رڳو اوهان کي ٿو گهُران. هن ڪري جو ٻارن کي مائٽن جي لاءِ جمع ڪري رکڻ نہ گهُرجي، بلڪ مائٽن کي ٻارن جي لاءِ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوھان وٽ اچڻ لاءِ تيار آھيان ۽ اوھان تي بار نہ ٿيندس. ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان جي مال جي نہ بلڪ اوھان جي ضرورت آھي. ھن ڪري جو ٻارن کي ماءُ⁠پيءُ جي لاءِ نہ، بلڪ ماءُ⁠پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماتا پتا کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماتا پتا جي لاءِ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماءُ پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماءُ پيءُ جي لاءِ.