2 Corinthians 12:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مسيح ۾ هڪڙي شخص جي مون کي خبر آهي تہ چوڏهن ورهيہ ٿيا جو هو ٽئين آسمان تائين کڄي ويو. (مون کي خبر ناهي تہ بدن ۾ ويو، يا بدن کانسواءِ، انهي جي خبر خدا کي آهي.)
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو آڪاش تي کنيو ويو. مون کي سڌ نہ آهي تہ هو شرير سميت يا شرير کان سواءِ کنيو ويو. اهو ايشور ئي ڄاڻي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو عرش عظيم تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آهي تہ هو بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اهو خدا ئي ڄاڻي ٿو.