2 Corinthians 12:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو آئون ڊڄان ٿو تہ متان اوهان کي اهڙو ڏسان جهڙو ڏسڻ نٿو گهُران، يا اوهين مون کي اهڙو ڏسو جهڙو ڏسڻ نٿا گهُرو، جو متان ڪنهن بہ طرح جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، گلائون، غيبتون، ٻٽاڪون ۽ فساد ٿين؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان اتي اچان ۽ جيئن آءٌ چاھيان ٿو تيئن اوھان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوھين نہ ٿا چاھيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آھي تہ متان اوھان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، گلائون، غيبتون، ھٺ ۽ فساد ٿين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، ساڙ، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.