2 Corinthians 12:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
متان جڏهن آئون وري اچان، تڏهن منهنجو خدا مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري، ۽ مون کي اهڙن گهڻن لاءِ افسوس ڪرڻو پوي، جن هيستائين ناپاڪي ۽ زناڪاري ۽ نفس پرستي جا گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ توبهہ نہ ڪئي اٿن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏھن آءٌ وري اوھان وٽ اچان تہ متان منھنجو خدا مون کي اوھان جي اڳيان شرمندو ڪري. متان مون کي اھڙن گھڻن ماڻھن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن ھيستائين ناپاڪيءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ انھن کان توبھہ نہ ڪئي اٿن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو ايشور متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ بيحيائيءَ وارا ڪم ڪري پاپ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو خدا متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناهہ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.