2 Corinthians 13:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ؛ ۽ پاڻ کي آزمايو. يا اوهان کي اها خبر ڪانهي ڇا، تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي؟ بي وفا هجو تہ ٻي ڳالهہ آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آھيو يا نہ ۽ پاڻ کي آزمايو. ڇا اوھين پاڻ بابت ھي نہ ٿا ڄاڻو تہ عيسيٰ مسيح اوھان ۾ آھي؟ جيڪڏھن نہ، تہ اوھين آزمائش ۾ بلڪل ناڪام آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ وشواس تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ عيسيٰ مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو.