2 Corinthians 2:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جن کي نجات ٿي ملي ۽ جيڪي چٽ ٿا ٿين، تن ٻنهي جي لاءِ اسين خدا جي حضور ۾ مسيح جي خوشبوءِ آهيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڪري اسين خدا جي آڏو ڇوٽڪارو پائيندڙن ۽ تباھي حاصل ڪرڻ وارن ٻنھي لاءِ مسيح جي سرھاڻ آھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هائو، اسين ايشور جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا مڪتي حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، اسين خدا جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي،