2 Corinthians 2:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ مون انھيءَ ڪري اوھان کي لکيو ھو تہ متان جڏھن آءٌ اچان تہ جن کان مون کي خوشي ٿيڻ گھرجي، تن کان مون کي ڏک پھچي. ڇالاءِجو اوھان سڀني جي لاءِ آءٌ يقين رکان ٿو تہ منھنجي خوشيءَ ۾ ئي اوھان سڀني جي خوشي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.