2 Corinthians 2:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو مون ڏاڍي ڏک ۽ دلگيريءَ سان، گهڻا ڳوڙها ڳاڙي اوهان ڏانهن لکيو؛ نہ انهي لاءِ تہ اوهين غمگين ٿيو، پر انهي لاءِ تہ جيڪا گهڻي محبت مون کي اوهان سان آهي سا اوهان کي معلوم ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون اوھان ڏانھن گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ سان ڳوڙھا ڳاڙيندي خط لکيو، انھيءَ لاءِ نہ، تہ اوھان کي غمگين ڪريان، پر ان ڪري جو اوھين ڄاڻو تہ منھنجو اوھان سان ڪيترو نہ گھڻو پيار آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجو اوهان سان ڪيڏو نہ گھڻو پريم آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجي اوهان سان ڪيڏي نہ گھڻي محبت آهي.