2 Corinthians 3:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اها خدمت جا ڏوهاري ٿي ٺهرائي، سا جيڪڏهن جلال واري آهي تہ جنهن خدمت جي ڪري راستباز ٿو ٺهرجي سا تہ ضرور انهيءَ کان بہ زيادہ جلال واري هوندي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن اھو عھد جيڪو ڏوھاري ٿو بڻائي سو ايڏي جلوي وارو آھي، تہ پوءِ جنھن عھد جي ڪري ماڻھو سچار ٿو بڻجي سو تہ ضرور انھيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ جنهن سيوا جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جوت واري هوندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ جنهن خدمت جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي واري هوندي.