2 Corinthians 4:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اسين هميشہ پنهنجي بدن ۾ يسوع جو موت کنيو ٿا گهُمون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي بدن ۾ ظاهر ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جھڙيءَ طرح عيسيٰ موت جھڙي زندگي گذاريندو ھو، تھڙيءَ طرح اسين بہ ھر وقت موت جي منھن ۾ آھيون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي جسم ۾ ظاھر ٿئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مطلب تہ اسين يسوع جو موت هر وقت پنهنجي شرير ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي شرير ۾ ظاهر ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مطلب تہ اسين عيسيٰ جو موت هر وقت پنهنجي جسم ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي جسم ۾ ظاهر ٿئي.