2 Corinthians 4:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جڏهن اسان ۾ اهوئي ساڳيو ايمان جو روح آهي، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو ۽ تنهنڪري مون ڳالهايو؛“ تڏهن اسين بہ ايمان ٿا آڻيون، ۽ تنهنڪري ڳالهايون ٿا؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”مون ايمان آندو، تنھنڪري مون ڳالھايو.“ اسان جو ايمان بہ ساڳيو ئي آھي. اھڙيءَ ريت اسين ايمان آڻيون ٿا، تنھنڪري ڳالھايون ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”مون وشواس آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پوِتر آتما جو بخشيل ساڳيو ئي وشواس آهي. سو اسين بہ وشواس آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پاڪ روح جو عطا ڪيل ساڳيو ئي ايمان آهي. سو اسين بہ ايمان آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا،