2 Corinthians 4:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جي واسطي آهن، انهي لاءِ تہ فضل، جو گهڻن جي ڪري زيادہ ٿو ٿئي، سو خدا جي جلال جي لاءِ شڪرگذاري بہ وڌائي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي واسطي آھي. جيئن گھڻن ماڻھن جي ڪري فضل وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي، تيئن شڪرانو بہ وڌندو پيو وڃي، جنھن سان خدا جي واکاڻ ٿئي ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هي سڀ ڪجھہ اوهان جي فائدي لاءِ آهي، تہ جيئن جيڪا ڪرپا گھڻن کان گھڻن ماڻهن تائين پهچي ٿي، تنهن جي وسيلي ايشور جي مهما لاءِ ماڻهن جي شڪر ادا ڪرڻ ۾ بہ واڌارو ٿيندو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هي سڀ ڪجھہ اوهان جي فائدي لاءِ آهي، تہ جيئن جيڪو فضل گھڻن کان گھڻن ماڻهن تائين پهچي ٿو، تنهن جي وسيلي خدا جي واکاڻ لاءِ ماڻهن جي شڪراني ۾ بہ واڌارو ٿيندو وڃي.