2 Corinthians 4:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسين پرچار انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن ايشور فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس مهانتا کي ڄاتو وڃي جيڪا يسوع مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.