2 Corinthians 6:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
(ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوهان جي ٻُڌي، ۽ نجات جي ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي:“ ڏسو، اهو قبوليت جو ڏينهن هاڻي آهي، ڏسو، اهو نجات جو ڏينهن هاڻي آهي.)
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو خدا چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوھان جي ٻڌي، ۽ ڇوٽڪاري جي ڏينھن مون اوھان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، ھاڻي قبول پوڻ جو وقت آھي، ڏسو، ھاڻي ڇوٽڪاري جو ڏينھن آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ”قبول ڪرڻ واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبول پوڻ جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”قبوليت واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبوليت جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي.