2 Corinthians 7:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو ايشور جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو مڪتي آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ سنساري غم موت پيدا ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو ڇوٽڪارو آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.